بخشاپور لڳ ڪارنھن جي الزام ھيٺ مڙس ھٿان زال قتل پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ڊي آء جي لاڙڪاڻو پاران ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ٿيل مقتولا عورت جو نوٽس ورتو فوري جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه وري جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

تفصيل موجب بخشاپور لڳ مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فوج علي مزاري م ڪارنھن جي الزام ھيٺ جوابدار مڙس رحيم بخش مزاري پنهنجي گھرواري 26 سالن مسمات شبيران خاتون مزاري گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار موقعي واردات تان فرار ٿي ويو اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا عورت جو لاش تحويل م وٺي ڇڏيو ء پوسٽ مارٽم لاء ڪشمور اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو مقتولا عورت جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو وارثن موجب ته اسان جي نياڻي کي جوابدار رحيم بخش مزاري ڪوڙي ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو آهي جوابدار بااثر ھجڻ ڪري مياڻي پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ھوڏانھن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پاران ڪارنھن جي الزام ھيٺ مڙس ھٿان قتل ٿيل مقتولا عورت جي واقعي جو نوٽس وٺي ڇڏيو ڪشمور پوليس کي ھدايت جاري ڪندي فوري جوابدار گرفتارڪرڻ جو حڪم مياڻي پوليس جوابدار جي گرفتاري لاء مختلف ھنڌن تي ڇاپا پر گرفتاري عمل نه اچي سگهي آهي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو