ڪشمور ۾ به سياسي ٽاڪري لاءِ سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن پاران مختلف علائقن ۾ گڏڄاڻيون جاري آهن، اين اي 191 جي لاءِ جمعيت علماء اسلام جي اميدوار شاهزين خان بجاراڻي، پي ايس 4 تي تحريڪ انصاف ڪي حمايتي آزاد اميدوار مير غالب حسين ڊومڪي ڪشمور ۾ مختلف بردارين سان ملاقاتون ڪري ڪارنر ميٽنگ ڪيون، گڊو پهچڻ تي اين اي 191 جي اميدوار شاهزين بجاراڻي، پي ايس 4 جي اميدوار مير غالب حسين ڊومڪي جو گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو، مختلف برارين پاران اليڪشن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي ان موقعي تي اين اي 191 جي جمعيت علماء اسلام جي اميدوار شاهزين خان بجاراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعو هڪ قبائلي ضلعو آهي ڪشمور جو وڏو مسئلو قبائلي تڪرار آهن، قبائلي تڪرارن جي ڪري ڪشمور جي عوام جا ٻار تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن، جيستائين ڪشمور جو ٻار اسڪول نه ويندو شعور نه ايندو، اسين ڪامياب ٿي پهريان امن و امان جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين قبائلي تڪرار ختم ڪرائينداسون، ماضي ۾ عوام ووٽ ڏئي حڪمرانن کي اعلي ايوانن تائين پهچايو انهن ڪڏهن به ڪشمور جي ڳاله ناهي ڪئي اسين ڪشمور جي عوام سان گڏ آهيون ۽ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ به عوام جي خدمت ۾ رهنداسين، ٻي پاسي پي ايس 4 جي اميدوار مير غالب حسين ڊومڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 15 ورهين کان ڪشمور تي حڪمراني ڪندڙن ڪشمور کي بيروزگاري، بدامني کانسواءِ ڪجه به ناهي ڏنو، امن و امان جي صورتحال ايتري ته خراب آهي ته شام ٿيندي ئي ماڻهن خوف منجهان گهران ئي نٿا نڪري سگهن، اسين ڪشمور جي عوام سان گڏاهيون ڪشمور جي عوام 8فيبروري تي اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندي اسين عوام جي خدمت ڪري ڪشمور جي امن ۽ عوام جي سهولتن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين… ان موقعي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهري به گڏ هئا،،