ڪنڌڪوٽ جي عدالت ۾ قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي سزا بعد جوابدار سينٽرل جيل حوالي

خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ ايڊيشنل ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج محمد علي قريشي جي عدالت ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ مقتول غلام محمد کوسو کي 2019 ۾ قتل ڪندڙ جوابدار غلام محمد عرف قائم جي مٿان قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي جوابدار مٿان مقتول جي پيءُ غلام نبي کوسو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل ھو عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي عدالتي فيصلي بعد جوابدار کي سکر سينٽرل جيل حوالي ڪيو ويو،