ٺڪراٺو : لڳ ڳوٺاڻو جو پٽ جي بازيابي لاء پريس ڪلب پھچي احتجاج منھنجي اڳوڻي سھري سڪندر گوپانگ ۽ سندس مائٽ صادق منھنجي10 ورھين جي پٽ رحمان الله مھر کي اغوا ڪري کڻي ويا

ٺڪراٺو لڳ ڳوٺاڻو جو پٽ جي بازيابي لاء پريس ڪلب پھچي احتجاج منھنجي اڳوڻي سھري سڪندر گوپانگ ۽ سندس مائٽ صادق منھنجي10 ورھين جي پٽ رحمان الله مھر کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن کيس بازياب ڪرايو وڃي محمد ساھڙ مھر خبر موجب ٺڪراٺي لڳ ڳوٺ حاجي سانوڻ سوڍڙو جي رھواسي محمد ساھڙ مھر پٽ جي بازياب لا۽ احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ محمد ساھڙ مھر دانھيندي چيو ته آءُ 22.12.2023 تي سول ڪورٽ شھدادپور حاضري تي ويو ھئس مونسان گڏ ٻھ پُٽ ۽ ٻھ نياڻيون گڏ ھئا ڳوٺ ھارون ڀنڀرو اسٽاپ تي رات رھيس صبح جو 23.12.2023 تي نماز لا۽ اٿيس ته پٽ رحمان الله مھر بسڪٽ جا پئسا وٺي ٻاھر دڪان ڏانھن وڃي رھيو ھيو ته ٻار جي رڙين تي مسجد کان ٻار نڪتس ته مون ڏٺو سفيد رنگ جي ڪار ۾ منھنجو اڳوڻو سھرو سڪندر علي ۽ سندس مائٽ صادق گوپانگ زبردستي منھنجي پٽ رحمان الله کي ڪار ۾ وجھي کڻي ويا مون دانھون ڪيون پر ھو ڪار ڀڄائي ويا احتجاج ڪندڙ چيو ته آءُ باقي ٽي ٻار وٺي پي ايس شھدادپور وڃي اھڙي رپورٽ داخل ڪرائي ان جي ڪاپي وٺي ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ٿيس ۽ اھڙي دانھن ايس ايس پي سانگھڙ کي به ڏني آھي پر پٽ بازياب ناھي ٿي سگھيو احتجاج ڪندڙ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته پٽ بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ مونکي تحفظ ڏنو وڃي.منھنجي پٽ کي ڪجھ به ٿيو ان جا زميوار سڪندر ۽ صادق گوپانگ ھوندا