خبر موجب : ڪرمپور لڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ علي محمد جعفري ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان پنهل جعفري گوليون هڻي ٿڏي تي قتل, مقتول جي وارثن موجب واقعو ڪُرسي (جتوئي) ۽ جعفري برادري ۾ ھلندڙ پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو آهي مقتول جي وارثن علي محمد جعفري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪرسي جتوئي برادري جي 2 موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن اسان جي گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جو نوجوان پنهل جعفري قتل ٿي ويو,
وارثن وڌيڪ دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان پنھل جعفري کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي, اڳ به ڪرسي جتوئي ڌر اسان جا 2 ماڻهو قتل ڪيا آهن, واقعي خلاف جعفري برادري جو علي محمد جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج وس انصاف کان مطالبو, هوڏانهن اطلاع تي حد جي ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جي لاش تي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاء خانپور اسپتال منتقل ڪيو, پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي, نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو, نماز جنازه کان پوء شام جو قتل ٿيل نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو, رابطو ڪرڻ تي ناپرڪوٽ پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي قتل جو واقعو پيش آهي, پوليس موجب قتل واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني, ٻئي طرف خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو