تفصيل موجب ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي اليڪشن 2024 جي ورڪ ڪندي ڪشمور کان سردار سليم جان مزاري سابق ايم اين اي احسان الرحمان مزاري پنھنجي اميدوار کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ اعواڻ ھائوس تي پھچي اعواڻ برادري آڏو خطاب ڪندي چيئن ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مان پنهنجي دور ۾ ھر طرح جو ترقياتي ڪم ڪرايو ھو ضلعي ۾ منهنجي وڏيون قربانيون آهن جيڪب آباد کان مان الڳ ڪري ضلعي ڪشمور کي ٺاهيو مونکي ڪنڌڪوٽ جي عوام تي وڏي اميد آهي ته منهنجي اميد وار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ھڪ دفعو ٻيھر مون کي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيندا ان موقعي تي اعواڻ برادري معزز شخصيت اشفاق احمد اعواڻ. جھانگير خان اعواڻ حافظ محمد رمضان اعواڻ. حافظ عبدالغفور اعواڻ. امتياز احمد اعواڻ. مختيار احمد اعواڻ. ظھور احمد اعواڻ. خاوند بخش اعواڻ بشير احمد اعواڻ سميت ٻين ڪيترين ئي پڻ شرڪت ڪئي.