ڪنڌڪوٽ دراني مهر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڌاڙيل خلاف آپريشن پوليس سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا. ايس ايس پي ڌاڙيل ڀيو گينگ خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ايس ايس پي ڪارروائي دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ايس پي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي، جن ۾ هٿياربند اي پي جي چين مشين جديد ھٿيار شامل آهن. ايس ايس پي ڪشمور جي ڪارروائي دوران ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن ۽ مورچن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ٽولن جي خاتمي ۽ امن امان جي صورتحال جي بحالي تائين آپريشن جاري رهندو.