ٺڪراٺي ويجهو روپهر ۾ پيپلزپارٽي جو جلسو پيپلزپارٽي ملڪ اندر حڪومت ٺاھيندي بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو ۽ ملڪ جي تقدير بدلائيندو وڏ وزارت سکر جي حصي ۾ ايندي خورشيد شاھ سردار علي گوھر خان مھر ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين جو خطاب خبر موجب ٺڪراٺي ويجھو روپھر ۾ عام چونڊن جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جو جلسو ڪوٺايو ويو جلسي ۾ پ پ اڳواڻ اڳوڻو وفاقي وزير خورشيد احمد شاھ سردار علي گوھر خان مھر ڄام اڪرام الله ڌاريجو ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين ڪميل حيدر شاھ بنگل خان مھر سردار ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو ۽ شرڪت ڪئي جلسي ۾ پ پ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته سردار علي گوھر خان مھر جو شڪرگذار آھيان جيڪو منھنجي چونڊ ورڪ تي آيو ھن چيو ته پ پ پوري ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي سردار علي گوھر خان مھر خطاب ڪندي چيو ته ھن ڀيري ملڪ جو عوام بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم چونڊيندو ڇاڪاڻ ته ھو نوجوان آھي ھو وزير اعظم ٿي ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏيندو سردار علي گوھر خان مھر چيو ته ضلعو سکر اسانجو اباڻو تڪ آھي جتي غلام محمد خان مھر ٽي ڀيرا بنا مقابلي جي ضلعي چيئرمين چونڊيو ۽ عوام جي خدمت ڪئي سردار علي گوھر خان مھر چيو ته ھاڻ وڏ وزارت سکر جي حصي ۾ ايندي جلسي ۾ مھر برادري سميت ٻين برادرين کي پ پ اميدوار خورشيد احمد شاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو پڻ جلسي کي خطاب ڪيو جلسي ۾ آيل معززين کي شاھنواز خان مھر مولا بخش خان مھر شير محمد خان مھر ارباب خان مهر آصف خان مهر عابد خان مھر ۽ شاهد خان مهر جلسي جا انتظام سنڀاريا ۽ آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.