ڊالر جي بي قدري جاري، رپيو وڌيڪ مضبوط

ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 10 پئسا سستو ٿيو انٽر بئنڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جو مُلهه 279.59 رپيا آهي ڪالهه انٽربئنڪ ۾ ڊالر 279.69 رپين تي بند ٿيو هو، هڪ هفتي دوران انٽربئنڪ ۾ ڊالر 31 پئسا سستو ٿيو آهي.