ڪنڌڪوٽ : پوليس ۽ رينجرز جو ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن جاري.آپريشن دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه ناصر آفتاب پٺاڻ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پهچي ويو

ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن جاري.آپريشن دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه ناصر آفتاب پٺاڻ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پهچي ويو.ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي دراني مهر ڪچي ۾ ٿيندڙ آپريشن بابت ڊي آءِ جي کي بريفنگ ڏني ۽ وزٽ ڪرايو.ان موقعي تي ايس ايس پي پاران ڊي آءِ جي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين جي وقفي وقفي سان هلندڙ آهي.گڏيل آپريشن ۾ ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن.پوليس پاران گهر گهر تلاشي ورتي پئي وڃي جڏهن ته جديد هٿيارن سان علائقو ميداني جنگ بڻيل آهي.گڏيل آپريشن ۾ پوليس پاران شڪ جي بنياد تي ڳوٺاڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون،جديد مشينري ۽ رينجرز ۽ پوليس جا جوان حصو وٺي رهيا آهن.ايس ايس پي ٻڌايو ته گڏيل آپريشن ۾ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي تباه ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته آپريشن جي خوشخبري جلدي ملندي.هن ٻڌايو ته ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رھندي.