گولا برادري جو سردار سردار محمد صلاح خان گولو پنهنجي گولا برادري جو ڪٺ گھرائي ورتو پيپلز پارٽي 1985 کان وٺي نظر انداز ڪيو ويو آهي پيپلز پارٽي جي اميدوارن ووٽ وٺي ھميشا غائب ٿي ويا

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ زور ڳڙھ م گولا ھائوس تي گولا برادي جو ڪٺ ھزارن جي تعداد ۾ گولا برداري جي ماڻھن جي شرڪت ان موقعي تي سردار محمد صلاح خان گولو پنھنجي برادري جي ماڻھن کي خطاب ڪندي چيو ته پپلز پارٽي جي اميدوارن ووٽ وٺي ھميشا غائب ٿي ويا آھن ۽ پنجن سالن کان پوء وري ووٽ وٺڻ,لاء اچن ٿا ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي سياسي ڀوتارن ھميشا گولا برادري کي ھر طرح سان نظر انداز ڪيو آھي ھن ڀيري منھنجو ۽ منھنجي برادري جو اھو فيصلو آهي ته ھو پراڻن اميدوارن کي ووٽ نه ڪجي پر مجبوري آھي ڇاڪاڻ ته اسان پپلزپارٽي ۾ آھيون ان لاء مان پنھنجي برادري سميت NA 191 سردار علي جان مزاري پي ايس 4 تي حاجي عبدالرئوف کوسو کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو ھن وڌيڪ چيو ته ۽ پي ايس 5 تي بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو ڇو جو اڳوڻي ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي طرفان مونکي گھڻا ڏک آھن