رپورٽ موجب ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ اندر امن جي ديوي وڏي عرصي کان رُٺل آهي ضلعي اندر امن جو پکي قدم رکڻ لاءِ به ڊنل پوليس ضلعي اندر امن و امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.جڏهن ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪڪڙ پٽي کان نامعلوم هٿياربندن جي موٽرسائيڪل سوارن کان ڦر جي ڪوشش ڪئي.نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل سوار مشتاق سبزوئي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي.موٽرسائيڪل سوار مزاهمت ڪئي ته هٿياربندن هٿيارن جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري وڌو ۽ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.زخمي نوجوان سندس وارثن ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي،شهنواز مرهيٽو،جيوڻ سبزوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي.امن و امان جي صورتحال ضلعي اندر انتهائي خراب آهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.پوليس ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر امن و امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.روز اغوا ڦرون ڌاڙا چوريون معمول آهن مزاهمت تي هٿياربندن سڌيون گوليون هلائي رهيا آهن.پوليس ۽ ڏوهارين جو ستايل عوام ڪنهن در دانهن ڏئي هنن چيو ته ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ پوري ضلعي اندر تحريڪ هلائي ويندي.ياد رهي 15 ڏينهن دوران هٿياربندن سان مزاهمت تي ضلعي جا 5 نوجوان زخمي. جڏهن ته 7 موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿي چڪيون آهن پر پوليس ان واقعن جا ڪيس داخل نه ڪري سگهي ۽ نه ئي هٿياربند گرفتار ٿي سگهيا.پوليس پاران هٿياربندن خلاف ڪابه عملي ڪاروائي نه ڪرڻ سبب ڏينهن ڏينهن ڦر وارداتن ۾ تيزي ايندي پئي وڃي.