ڪنڌڪوٽ کوھ کان پي پي ايل فيلڊ ڏي ايندڙ پائيپ لائين زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پئي علائقي ۾ خوف و حراس پائيپ لائين مان وڏي مقدار ۾ گيس خارج ٿيڻ لڳي ايس ايس پي مؤقف ڏيڻ کان لنوائي ويو جاچ ٽيم سڀاڻي پھچندي

خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ جي ڀنر واري علائقي پوليس ٿاڻي گھوڙا گھٽ جي حد ۾ کوھ کان پي پي ايل گيس فيلڊ ويندڙ گيس پائيپ لائين ۾ زوردار ڌماڪي سان 16 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽي پئي ڌماڪي سبب زمين ۾ به کڏ پئجي وئي ڪيترائي فوٽ پائيپ ھيٺ مٿان اڏامجي ويو جنهن ڪري گيس وڏي مقدار ۾ خارج ٿيڻ لڳو ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو ايس ايس پي واقعي بابت ڪو به مؤقف نه ڏنو آهي واقعي بابت اڃان تائين ڪا به مڪمل ڄاڻ انتظاميا نه ڏني آهي انتظاميا ذريعن جو چوڻ آهي ته گيس پريشر سبب پائيپ لائين ڦاٽيو آهي وڌيڪ جاچ لاءِ سڀاڻي ٽيم پھچندي جنهن بعد خبر پوندي ته واقعو پريشر سبب پيش آيو يا تخريبڪاري آهي