ٺڪراٺو ۾ مھتم برادري جي عورتن ۽ مردن جو مقامي پ پ جيالي جي مبينا بي واجبين خلاف احتجاج مظاهرو احتجاج ڪندڙ امام زادي رشيدان مھتم ذوالفقار علي مھتم خورشيد احمد ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳايو آھي اسان پ پ جا ووٽر آھيون پر ان باوجود مقامي جيالو خالد حسين مھتم شھر اندر ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪري رھيو آھياحتجاج ڪندڙ چيو آھي ته مقامي جيالو اسان جي گھٽي تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ۽ پوليس کان ھيسائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي احتجاج ڪندڙ سيد خورشيد شاھ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته بي واجبي ڪندڙ مقامي جيالي خلاف ايڪشن وٺي گھٽي تان قبضو ختم ڪرائي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل پ پ اڳواڻ خالد حسين مھتم رابطي تي ٻڌايو آھي ته الزام بي بنياد آھن کاتي وارو پلاٽ آھي گھٽي ۾ منھنجو حصو آھي جاچ ڪرائي وڃي