اسٽيٽ بينڪ طرفان نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ جي فيصلي کي صنعتڪارن خوشي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان سان گڏ ئي صنعتڪارن طرفان نوان پلاسٽڪ جا نوٽ ٺاهڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي صنعتڪارن چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي اهڙي قدم سان جعلي نوٽن مان ڇوٽڪارو ملندو. اقتصادي ماهرن موجب مختلف ملڪن ۾ پلاسٽڪ جا نوٽ جاري ڪيا ويا آهن ڇو ته انهن نوٽن جي نقل تيار نٿي ڪري سگهجي صنعت ۽ واپار جي سينئر نائب صدر ثاقب فياض مگون چيو آهي ته نوان نوٽ اچڻ سان جعلي نوٽن سبب عوام ڌوڪي ۽ نقصان کان بچي سگهندا ٻئي طرف اقتصادي ماهر ڊاڪٽر اڪبر زيدي چيو ته دنيا ۾ ڪاغذ جي بجاءِ پلاسٽڪ جي ڪرنسي استعمال ٿي رهي آهي ته جيئن جعلي نوٽ تيار نه ڪري سگهجن. البته پنج هزار جو نوٽ ختم نه ٿيڻ گهرجي. اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن جو ڪم شروع ٿي ويو آهي ته اميد آهي ته ٻن سالن ۾ نوان نوٽ متعارف ڪرايا ويندا.