ڪنڌ ڪوٽ اليڪشن سرگرميون تيز جي يو آءِ اميدوارن جي ورڪ ۾ مولانا راشد محمود سومرو ڪنڌڪوٽ پھتو ميگھواڙ برادري جي مندر پھچي ورڪ ڪئي جنهن دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام جي يو آءِ سان گڏ آهي اڳ به اسان جي اميدوارن کي سازش ذريعي ڌانڌلي ڪري ھارايو ویو ھو عوام ھاڻي تبديلي چاھي ٿو عوام اسان جي اميدوارن کي ڀرپور موٽ ڏئي رھيا آهن ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسي عوام جي رائي مطابق نتيجا ايندا قبول ھوندا چور دروازي سان ايندڙ پي ٽي آءِ باني جو حشر ڏسو زال سميت جيل ۾ آهي اسان جي سنڌ مان شروع ڪيل تحريڪ جو نتيجو آهي ڪاميابي جو نشان ڪتاب آهي ڪرپٽن جو دور ختم ٿي ويو انھي موقعي تي اين اي191 جي اميدوار میر شاھزين خان بجاراڻي، پي ايس پنج جي اميدوار حافظ ربنواز چاچڙ، جي يو آءِ اڳواڻ مولوي شمس الدين ڀيري، مولوي جمال الدي اوڳاھي، حافظ عرفان اللّٰه کوسو، مولوي خان محمد ملڪ، مولوي محمد ابراھيم خاڪي سميت ٻيا به موجود ھئا جنھن بعد ايس يو پي پاران شڪارپور روڊ تي جلسي ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ ھندو پنچائت وٺ پھچي ڪري ورڪ پڻ ڪئي،