سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به اليڪشن مهم جاري آهي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي پنهنجي حق پرستن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل، پارٽي چيئرمين جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش. عوام جي خدمت جو سلسلو جاري آهي ۽ پ پ جي اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ مهم جاري آهي، محمد علي شيخ وڌيڪ چيو ته اسان مفادن جي سياست نٿا ڪريون، عمل جي سياست ڪريون ٿا، عوام جي خدمت 40 سالن کان ڪري رهيا آهيون. ۽ اسان مستقبل ۾ خدمت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري 10 نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور تياريون ڪندي. هميشه پنهنجي پسند جا ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، حلقه پي ايس 23 روهڙي جي اميدوار نيک محمد چنجڻ، جنهن روهڙي جي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پليٽ فارم تي اليڪشن ۾ حصو ورتو، پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، پ پ اڳواڻ لياري جي اڳواڻي ۾ محمد علي شيخ سندس رهائشگاهه تي وڃي سندس پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ اسٽيمپ پيپر تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪئي.