وفاقي ڪابينه 13 لک غيرقانوني افغان پناهگيرن جي قيام ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

وفاقي ڪابينه 13 لک غيرقانوني افغان پناهگيرن جي قيام ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ذريعن ٻڌايو آهي ته سيفران واري وزارت جي سمري تي پروف آف ريزيڊنس ڪارڊ ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. افغان پناهگيرن جي قيام ۾ مارچ 2024 تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينه ڊويزن ان کان اڳ سيفران واري وزارت جي سمري اعتراض سان گڏ واپس ڪري ڇڏي هئي پر افغانستان سان لاڳاپيل ڪوآرڊينيشن سيل جي سفارش تي غيرقانوني پناهگيرن جي قيام ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو ذريعن موجب پاڪستان افغان حڪومت جي درخواست تي پناهگيرن جي قيام جي مدي ۾ واڌ ڏني آهي، واڌ جي منظوري نه ملڻ سان پناهگيرن جو قيام غيرقانوني ٿي چڪو هو.