ٺڪراٺو : مسجد مان بيٽري چوري ڪندڙ ٻھ چور شهرين سوگها ڪري ورتا مبارڪپور پوليس حوالي شهرين جو چوڻ ھو ته شهر مان بيٽريون, سولر پليٽون لوھ جون شيون چوري ڪندڙن جو گروھ آهي

ٺڪراٺو جي مسجد مان بيٽري چوري ٿي وئي آھي شھرين ھمٿ ڪري 2 ڄڻن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي نواب پئٽروليم سروس ڀرسان الخير مسجد ۾ رکيل بيٽري چور چوري ڪري فرار ٿي ويا شھرين ٻن ڄڻن ڪامران لوھر ۽ عالم مھتم کي پڪڙي مبارڪپورپوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي مسجد جي سنڀار ڪندڙ شھري راڻو مھر ٻڌايو آھي ته الخير مسجد مان بيٽري چوري ٿي وئي آھي پڪڙيل چور ڪامران لوھر اسان سان ملي چيو ته بيٽري بابت مونکي ڄاڻ آھي مونسان ملو ته بيٽري واپس ڪرايان ان بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرايو آھي پڪڙيل جوابدار اڳ به سولر پليٽون دڪانن مان لوھ کڻڻ سميت بيٽرين جي چورين ۾ ملوث آھي مٿس ڪيس داخل ڪري ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي.