موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي شهر ۾ موسم جزوي طور تي خشڪ رهندي، ڪراچي جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 25 کان 27 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو آهي، ذرڙن جي حوالي سان رڪارڊ ڪيل ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جي لسٽ ۾ ڪراچي نائين نمبر تي آهي. اڄ دنيا جا آلوده شهر، طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته شهري احتياطي اپاءَ وٺن، گهرن مان نڪرڻ وقت ماسڪ جو استعمال ڪن.