ڪشمور لڳ گڊو ٿاڻي جي ڳوٺ عبدالباقي کوسو مٿان رات دير سان هٿياربندن جي ڪاه ڳوٺاڻن ۽ ڏهارين وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڳوٺاڻو غلام فريد ساوند موقعي تي قتل ٿي ويو ۽ پوليس اهلڪار اويس احمد کوسو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڏوهاري ڳوٺاڻن جون 20 کان مٿي مينھون ڪاهي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن پوليس واقعي واري هنڌ دير پھچڻ سبب ڏوهاري فائرنگ ڪندا با آساني سان ڪچي جي طرف فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن زخمي پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ اويس احمد کوسو طور ٿي آهي جڏهن تہ ڏوهارين ھٿان زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جو اعلاج ھلندڙ آهي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جي حالت خطري مان ٻاهر آهي جڏهن ته هن وقت تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي