تفصيل موجب آڄ ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جي هدايتن تي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ,اسسٽنٽ ڪمشنر جي سربراهي هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان گهنٽا گهر تائين ريلي ڪڍي وئي ۔ ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪشمير ٿيندو پاڪستان ، پاڪستان زنده باد ، پاڪ فوج زنده باد ۽ ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعرا هنيا ۽ پاڪستان ۽ ڪشمير جو جهنڊو پڻ ڦڙڪايو. ريلي کي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جو عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران ڪشميري عوام ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته ڀارت دنيا ۾ رياستي دشتگردي ڪري پيو جيڪا قابل مذمت آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڀارت ظالم آهي جيڪو ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهيو آھي اسان پوري قوم ڀارت کي پنهنجي مقصد ۾ هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين .ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شهرين، استادن ، مختلف اسڪولن جي شاگردن ،پوليس ، سول سوسائٽي نمائدن ،ضلعي اينجيئوز جي اڳواڻن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔