سجاول ۽ سيوهڻ ۾ اليڪشن ڊيوٽي تان غير حاضر سرڪاري ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري

سجاول ۽ سيوهڻ ۾ اليڪشن ڊيوٽي تان غير حاضر سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن سجاول جي تڪ پي ايس 74 ۾ چونڊن جي ڊيوٽي تان غير حاضر 300 کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندڙن ۾ ميڊيڪل آفيسر، استاد ۽ ٻيا سرڪاري ملازم به شامل آهن ٻئي طرف سيوهڻ مان به اليڪشن ڊيوٽي تان 143 سرڪاري ملازم غير حاضر آهن. ريٽرننگ آفيسرن چيو آهي ته ايس ايس پي سجاول غير حاضر ملازمن کي گرفتار ڪري پيش ڪري.