پاڪستان جي ٻارهين ۽ ملڪي تاريخ جي سڀني کان وڏي عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندو عام چونڊن جي دوران قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن لاءِ 882 عورتون ۽ 4 کدڙن فقيرن سميت ملڪ جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. جن جو انگ 17 هزار 816 بڻجي ٿو عام چونڊن لاءِ جاري پولنگ جي دوران ملڪ ۾ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 ووٽرز اڄ پنهنجو حق استعمال ڪري سگهندا اليڪشن ڪميشن موجب ووٽر کي قومي اسيمبلي لاءِ سائي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اڇو بيلٽ پيپر ڏنو ويندو ووٽ ڏيڻ لاءِ ووٽر کي اصلي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ لازمي هوندو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چئن چونڊ تڪن ۾ اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ ۾ موبائل فون سروس عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. امن امان قائم رکڻ ۽ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ضروري آهن.