لاڙڪاڻو ڀرسان چانڊيه ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ سياسي ڇڪتاڻ تان جهيڙي دوران 2 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو لاڙڪاڻي شهر جي ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڏاهاڻي موڙ تي چانڊين ۽ ڏاهاڻي ڌرين طرفان جديد هٿيارن سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب علائقي جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. ٻنهي ڌرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ چانڊيا ڌر جو محمد حسن چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته ڏاهاڻي ڌر جو عمران ڏاهاڻي مارجي ويو فائرنگ دوران اي ايس آء سلطان شاھ به زخمي ٿي پيو هو جنهن اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ٻڌايو پيو وڃي ته سياسي ڇڪتاڻ تان علي حسن ڏاهاڻي ۽ علي حسن چانڊيو جي ٻن ڌرين طرفان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي. ٻئي طرف ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڏاهاڻي ۽ چانڊيا ذات جي ٻن ڌرين ۾ سياسي جلسي ڪرائڻ جي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو آهي جنهن ۾ ڊي ايس پي بشير شرپوليس موبائل ۾ گشت ڪندڙ اي ايس آء سلطان شاھ ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آهي زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو لاڙڪاڻو پوليس موجب واقعي واري هنڌ پوليس نفري پهچي فائرنگ بند ڪرائي آهي زخمين ۾ ڊي ايس پي بشير شر مسعود غفار عرفان اعتبار ڏاهاڻي ۽ هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايا وڃن پيا زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي موجب سياسي معاملي تان شروع ٿيل جهيڙي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. جهيڙي ۾ ڊي ايس پي صدر بشير شر، اهلڪار صدام، ۽ اي ايس آءِ سلطان شاهه زخمي ٿي پيا هئا جن کي اسپتال نيو ويو جتي اي ايس آءِ سلطان شاهه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.