سنڌ جي مختلف شھرن سميت غوثپور ۾ به جي يو آ۽ جي سڏ تي تازو ٿيندڙ اليڪشن ۾ جي يو آ۽ جي اين اي 191 جي اميدوار مير شاھزين بجاراڻي

سنڌ جي مختلف شھرن سميت غوثپور ۾ به جي يو آ۽ جي سڏ تي تازو ٿيندڙ اليڪشن ۾ جي يو آ۽ جي اين اي 191 جي اميدوار مير شاھزين بجاراڻي ۽ پني عاقل جي پي ايس اميدوار مبين بليدي سان ٿيل مبينه ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ڦير ڦار واري عمل خلاف ڪارڪنن جو شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي راجه بجاراڻي لاڙو وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي سخت نعريبازي ڪئي ويئي آھي۔ ڌرڻي ۾ سوين جي يو آ۽ جي ڪارڪنن ھٿن ۾ جھنڊا کڻي ڌرڻي واري ھنڌ ويھي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب پنجاب کان سنڌ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آھي ۽ سوين گاڏيون بيھجي وڃڻ سبب مسافرن کي سخت تڪليفن سان منھن ڏيوڻو پئجي رھيو آھي۔ ان موقعي تي جي يو آ۽ اڳواڻن مولانه جمال دين اوڳاھي۔ اسدالله اوڳاھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سموري سنڌ ۾ جيستائين صحيح رزلٽ جاري نه ٿيندو ۽ اسانکي مطئمن نه ڪيو ويندو اوستائين اسان جو انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو جاري رهندو جي يو آئي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي مظلوم ماڻھن کي پ پ جي ڀوتارن حوالي ڪيو ويو آھي ۽ ھر ساڃاھ وند اميدوار کي زبردستي ھارايو ويو آھي۔ ھنن مطالبو ڪيو ته ھي اليڪشن نه پر سليڪشن ھئي جيڪا جميعت علماء اسلام قبول نه ڪندي۔ ڌرڻو جي يو آ۽ جي ضلعي قيادت طرفان مولانه شمس دين ڀيري۔ مولوي ڪفايت الله ۽ مولانه جمالدين اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳايو ويو آھي