گهريلو حالتن کان تنگ شخص پنهنجي 4 ٻارن ۽ زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب مذڪوره شخص آن لائين ڪاروبار ڪندو هو پوليس موجب چڪوال جي مزدلفه ٽائون ۾ شفقت نالي شخص پنهنجي زال ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. قتل ٿيندڙ ٻارن ۾ 2 پٽ ۽ 2 نياڻيون شامل آهن. مقتولن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال چڪوال منتقل ڪيو ويو پوليس اختيارين موجب ظاهري طور تي معاملو گهريلو تڪراري لڳي رهيو آهي پر پوليس مختلف رخن کي نظر ۾ رکندي جاچ ڪري رهي آهي مقامي ميڊيا موجب محمد شفقت ولد محمد سليم ون فائيو تي فون ڪري ٻڌايو ته مون پنهنجي ٻارن ۽ گهر واري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ شخص جي گهر واري جي عمر 50 کان 55 سال جڏهن ته 2 نياڻين جي عمر 14 کان 16 ۽ ٻن پٽن جي عمر 13 کان 7 سال ٻڌائي پئي وڃي شروعاتي ڄاڻ موجب شفقت گهريلو حالتن کان تنگ اچي پنهنجي خاندان کي ختم ڪيو اهو آن لائين ڪاروبار ڪندو هو جنهن ۾ نقصان سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار هو.