نئين حڪومت اچڻ کان اڳ پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جون تياريون

نئين حڪومت اچڻ کان اڳ پيٽروليم شين مهانگيون ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ذريعن موجب ڊيزل 7 روپيه 50 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل 2 روپيه 82 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو گاسليٽ جي في ليٽر قيمت ۾ 1 روپيه 70 پئسا اضافي جو امڪان آهي. جڏهن ته پيٽرول جي قيمت برقرار رکي سگهجي ٿي ذريعن موجب ٻارڻ جي تيل جي قيمت گذريل 15 ڏينهن دوران 77 ڊالر کان 82 ڊالر 7 سينٽ تائين رهي. ياد رهي ته 31 جنوري 2024 تي به حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام تي بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو هو نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 13 روپيه 55 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 272 روپيه 89 پئسا في ليٽر ٿي وئي. قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 278 روپيه 96 پئسا، لائٽ ڊيزل 178.23 پئسا ٿي وئي. جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت معمولي لاٿ کان پوءِ 200 روپيه 92 پئسا ٿي وئي هئي.