تفصيل موجب بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخت علي ڊومڪي م ڦلواڻي ڊومڪي ء بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين خوني پراڻو تڪرار ٻيھر شروع ٿي ويو ھڪ ٻئي تي جديد ھٿيارين جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م ڦلواڻي ڊومڪي جي پاڙي جو 20 سالن جو نوجوان شاھ دوست پٽ بابو ڊومڪي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته فائرنگ سبب علائقي م خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي اھڙي واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس نه پھتي جڏهن ته ٻئي ڌريون رت جو پياسي ڦلواڻي ڊومڪي جو قتل ٿيل نوجوان جي پلاند م ڦلواڻي ڊومڪي برادري جي ھٿياربندن بڊاڻي ڊومڪي برادري جو سالن جي نوجوان مٿان ھٿيارين جا منهن کولي ڇڏيا اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس نه پھتي ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھياجڏهن ته پنهنجي روايت تي برقرار رکندي واقعي واري ھنڌ ديرسان پھتي نوجوان جو لاش ء زخمين کي تحويل م وٺي ڇڏيو ڦلواڻي ڊومڪي جو لاش جو پوسٽ مارٽم لاء بخشاپور اسپتال کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو وارثن پاران پٽو ء پاراتا ڏيندا رھيا جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي بخشاپور ٿاڻي جي حد م سن 1992 م ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ڦلواڻي ڊومڪي ء بڊاڻي ڊومڪي جي وچ م شروع ٿيندڙ دشمني ٻن ڌرين جا ڪيترائي معصوم ٻارڙن ء عورتن سميت ڪوندر جوان ھن خوني جھيڙي جي ورچڙھي ويا پر افسوس ھي خطرناڪ دشمني جو سلسلو اڃان تائين ھلندڙ آهي ٽن ڏھاڪن تائين ھلندڙ ھن خوني تڪرار جي آڙ م بخشاپور پوليس ھن جھيڙي کي ختم ڪرائڻ م ڪو به خاص ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي ھن جھيڙي دوران بخشاپور بڊاڻي توڙي اندي ء ٻيا علائقا ويران بڻيل آهن سڄو شھر مڪمل طور جھيڙي سبب تباھ ء برباد ٿي ويو آهي جھيڙي جي دوران زميون غيرآباد ء اسڪول ويران بڻيل آهن اسڪول ٻارڙن کي قلم بجاء ھٿيار ڏئي مورچن تي ويھي رھيا جھيڙي سبب معصوم توڙي عورتون ء پوڙھا بيمارين م وڪڙجي ويا آهن ڪنڌڪوٽ سن 1992 کان شروع ٿيندڙ خوني تڪرار ڦلواڻي ڊومڪي ء بڊاڻي ڊومڪي جي ٻن ڌرين م فيصلو به ٿي ويو ھو جنهن ۾ ھڪ ڌر مٿان ڪروڙين روپيا چٽي به پئي پيسا نه ملڻ تي ڪجھ سالن جي ٺاپر بعد تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو ھن وقت تائين ٻن ڌرين جا 27 کان وڌيڪ قتل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن پر جھيڙي کي ختم ڪرڻ لاء ھٿان جا سياسي سماجي توڙي سردار ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهيو آهي چونڊيل نمائيندا خاموش بڻيل آهن پوليس به ٻن ڌرين کان مال ميڙڻ م مصروف آهي