لڳ مغوين جي بازيابي لاء ڪشمور پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن 24 ڏينهن اڳ فون زريعي شادي ڪرڻ ويل ڪچي مان اغوا ٿي ويل سکر واسي ايوب شيخ مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعوا جلد مغوين جي بازيابي لاء آپريشن ھلندڙ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي جي پوليس جو مغوين جي بازيابي لاء ڪچي طرف آپريشن جاري ڪشمور پوليس جو ڳجھي اطلاع تي ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م سرچ آپريشن ڪيو ويو پوليس ء ڌاڙيلن جي وچ م فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ڌاڙيلن مغوي کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ڪشمور پوليس 24 ڏينهن اڳ فون زريعي شادي جو آسرو ڏئي سکر واسي ايوب پٽ علي گوھر شيخ کي اغوا ڪري ويا جڏهن ته بازياب ٿيل نوجوان کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي چيو ته مغوين جي بازيابي لاء سرچ آپريشن ھلندڙ آهي مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي ھن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جي خاتمي تائين ڪشمور ضلعي کي پاڪ ڪري امن امان بحال ڪيو ويندو