ڪنڌڪوٽ: جي يو آءِ ف پاران عام چونڊن ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 191 تي جي يو آءِ جي اميدوار مير شاھزين خان بجاراڻي کي ڌانڌلين ذريعي ھارائڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ جي يو آءِ ف جي اڳواڻن مولانا شمس الدين ڀيري ـ مولوي خان محمد ملڪ ـ حافظ سعيد احمد چاچڙ، قاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو آھي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 191 تي جي يو آءِ ف جو امیدوار مير شاھزين خان بجاراڻي چونڊون کٽيون آھن ۽ ڊي آر او پي پي جي ھارايل اميدوار علي جان مزاري کي ڪامياب قرار ڏیئي ڇڏيو آھي اسين چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪريون ٿا ته عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي جي يو آءِ جي اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ائین نه ڪيو ويو ته احتجاجي سلسلو جاري رکيوويندو