ڏوهارين کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو وڃي سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن ۾ 15 معاون ڪمانڊو ۽ ريپڊ رسپانس ٽيمون پڻ حصو وٺي رهيون آهن. مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪيترن ئي گاڏين تان پابندي پيل نيري بتيون، ڪارا شيشا ۽ فينسي نمبر پليٽون هٽايون ويون ۽ اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو. پوليس سڄي ضلعي مان ڊي ايس پي اوز جي نگراني ۾ 150 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي چيڪ ڪيو جنهن ۾ هيلپ ۽ آئي ٽي اسٽاف سان گڏ سرچ ايپ، ايس وي اي ايس ۽ سي آر آئي سسٽم ذريعي داخلا ۽ نڪرڻ واري رستن تي. جنهن ۾ ڪجهه شڪي ماڻهن کي بغير شناختي دستاويزن جي مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو. پوليس پاران مختلف قسمن جي ننڍين ۽ وڏين گاڏين کي به چيڪ ڪيو ويو، بغير ڪاغذ جي موٽرسائيڪلن کي تصديق لاءِ مختلف ٿاڻن ڏانهن موڪليو ويو، جن جي تصديق ڪئي پئي وڃي چيڪنگ دوران مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيل جوابدارن کي سندن تفصيلن جي چڪاس/تصديق ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي