اليڪشن ڪميشن ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي 22 مان 21 سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن اليڪشن ڪميشن اين اي 229 تان پيپلز پارٽي جي ڄام عبدالڪريم بجار، اين اي 230 تان سيد رفيع الله ۽ اين اي 231 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا ان کان علاوه اين اي 232 تان ايم ڪيو ايم جي آسيه اسحاق صديقي، اين اي 233 تان ايم ڪيو ايم جي محمد جاويد، اين اي 234 ڪورنگي ڪراچي 3 تان ايم ڪيو ايم جي محمد معين عامر پيرزاده، اين اي 235 ڪراچي شرقي ون مان ايم ڪيو ايم جي محمد اقبال خان، اين اي 236 ڪراچي شرقي ٽو تان ايم ڪيو ايم جي حسان صابر ۽ اين اي 237 ڪراچي شرقي 3 تان پيپلز پارٽي جي اسد اسلم نيازي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن اين اي 239 ڪراچي سائوٿ ون تان پيپلز پارٽي جي نبيل گبول، اين اي 240 ڪراچي سائوٿ 2 تان ايم ڪيو ايم جي ارشد وهرا، اين اي 241 ڪراچي سائوٿ 3 تان پيپلز پارٽي جي مرزا اختيار بيگ، اين اي 242 ڪراچي ڪياماڙي ون تان ايم ڪيو ايم جي سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ اين اي 243 ڪراچي ڪياماڙي ٽو تان پيپلز پارٽي جي عبدالقادر پٽيل جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 244 ڪراچي غربي ون تان ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار، اين اي 245 ڪراچي غربي ٽو تان ايم ڪيو ايم جي سيد حفيظ الدين، اين اي 246 ڪراچي غربي 3 تان ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، اين اي 247 ڪراچي سينٽرل ون تان ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهارالحسن ۽ اين اي 248 ڪراچي سينٽرل ٽو تان ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ان کان علاوه اين اي 249 ڪراچي سينٽرل 3 تان ايم ڪيو ايم جي احمد سليم صديقي ۽ اين اي 250 ڪراچي سينٽرل 4 تان ايم ڪيو ايم جي فرحان چشتي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.