گيس جي قيمتن ۾ واڌ بابت آءِ ايم ايف کي ڏنل ٽائيم ختم ٿيڻ ۾ 2 ڏينهن رهجي ويا آهن پر ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري تي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي اي سي سي گيس جي قيمتن بابت سمري تي وڌيڪ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اضافي تي هڪ سال ۾ گيس جي قيمتون ٽيون ڀيرون وڌايون وينديون ۽ اوگرا سفارشن تي عمل ڪرڻ سان گيس صارفين تي تقريبن 100 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. گيس جي قيمتن ۾ واڌ پهرين جنوري 2024 کان ڪرڻ جي تجويز آهي نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊويزن گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري پيش ڪئي پر اي سي سي فيصلي تي نه پهچي سگهي جنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سمري تي وڌيڪ غور ڪيو ويندو ان کان پوءِ سمري ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. اي سي سي جي منظوري کان پوءِ قيمتن جي منظوري وفاقي ڪابينه مان ورتي ويندي ان کان پوءِ اوگرا طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو اوگرا اسلام آباد سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي گيس صارفين لاءِ ٽيرف ۾ 35.13 سيڪڙو جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي صارفين لاءِ 8.57 سيڪڙو اضافو منظور ڪيو هو.