ڪشمور 45 آر ڊي لڳ ڏوهارين جي ڪاھ ڏوهاري سولنگي برادري جي محمد حارف سولنگي کان ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل CD 70 ڦر ڪري فرار ٿي ويا

ڪشمور 45 آر ڊي لڳ ڏوهارين جي ڪاھ ڏوهاري سولنگي برادري جي محمد حارف سولنگي کان ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل CD 70 ڦر ڪري فرار ٿي ويا
محمد حارف سولنگي ٻڌائيندي چيو آهي ته مان ڪشمور شهر کان پنهنجي ٻارن سان گڏ گهر طرف وڃي رهيو هيس ته رستي ۾ ڏوهارين حملو ڪري ڏنو ڏوهارين جي حملي ۾ مون سميت منهجا ٻارڙا منهنجي ڀڄائي سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته 45 آر ڊي پوليس جي چوڪي سولي هجڻ جي باوجود به ڪشمور پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي واقعي بعد ڏوهاري با آساني ڪچي طرف فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ٻئي پاسي واقعي بعد علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو آهي ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن جڏهن ته زخمين جو علاج ڪشمور سول اسپتال ۾ هلندڙ آهي