ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ ڍولڻ مهتم جي رهواسين جو بااثر پاران ڳوٺ تي قبضو ڪري سندن گهر خالي ڪرائڻ ۽ ڪوڙا ڪيس ڪري کين هيسائڻ خلاف عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙن محمد موسا ، صدورو ،مائي بينظير مائي شبيران مائي مريم، علي مراد ، عبدالغني ، لطيف ، رزاق ، رسول بخش مهتم جن الزام هڻندي چيو ته بااثر منشي الهڏوايو ۽ سندس ڀاء الهوڌايو مهتم اسان کي پنهنجي اباڻن ڪکڙن مان زبردستي لڏرائي رهيو آهي بااثرن سان مبارڪپور پوليس پڻ ٻٽ بڻيل آهي هنن چيو ته اسان 1982 کان هتي ويٺل آهيون ۽ اسانکي هتي مرحوم سردار غلام محمد خان مهر ۽ پاڙي جي مهر برادري جي ماڻھن واريء جي دڙي تي ويهڻ جي جڳھ ڏني هئي هاڻ بااثر منشي چوي ٿو ته اوهان هتان لڏو کڻو هيء منهنجي کاتي جي زمين آهي جڏهن ته ان وٽ کاتو وغيره ڪجھ به ناهي هيء سرڪاري زمين ڳوٺ جي آهي بااثرن پاران بار بار مبارڪپور پوليس هٿان گهرن تي چڙهايون ڪري گهرن ۾ گهڙي ڪري عورتن مردن سان گڏ معصوم ٻارڙن تي پڻ تشدد ڪرائي کين زليل ۽ خوار ڪرايو وڃي ٿو هوڏانهن الزام هيٺ آيل الهڏوايو مهتم سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته لڳايل الزام بي بنياد آھن منهنجي زرعي زمين منهنجي والد صاحب جي نالي کات پڻ موجود آهي مظاهرين ڊي سي سکر کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري سرڪاري ماپ ڪرائي وڃي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مبارڪپور پوليس کي پابند ڪيو وڃي ته جاچ ڪري ۽ باربار اسانتي چڙهايون ڪري اسانکي تنگ نه ڪري ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي