خبر موجب : ڪرمپور شهر لڳ بيگاري پل وٽان هڪ هفتو اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪرمپور جي سينيئر صحافي ڪاوش ڪرمپور جي رپورٽر بابو لعل منڌاڻ کان ڦر ڪيل لکين روپيه روڪ رقم, موٽرسائيڪل, موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڪافي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪرمپور پوليس رڪور نه ڪرائي سگهي آهي, صحافي عدم تحفظ جو شڪار, ٻئي طرف صحافين جو جاويد عثمان بجاراڻي, بابو لعل منڌاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ڪرمپور پوليس پاران سامان جي رڪوري لاء ورتل ٻن ڏينهن جي مهلت کي هڪ هفتو گذري ويو آهي, هڪ هفتو گذرڻ باوجود ڪرمپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي, ڪرمپور ۽ ڀرپاسي ۾ ڏوهي وارداتون وڌڻ سبب عوام سخت خوف ۾ ورتل ۽ مونجهاري جو شڪار آهي, ٻئي طرف ڪرمپور جي متاثر صحافي کي انصاف ملڻ نه سبب صحافي حلقن ۾ تاءُ پکڙيل آهي, ڪرمپور جي صحافي ڌرين احتجاجي سلسلي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاء لائحه عمل جوڙي ورتو آهي, هوڏانهن ڪرمپور جي صحافي اڳواڻن اڄ کان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي