ڪنڌڪوٽ بدامني عروج تي چوريون، ڦر ڌاڙن جو آزار چوڪيدار اغوا، عوام پريشان پوليس آرامي بڻيل آهي ڦر خلاف نوناري برادري جو انڊس ھاءِ وي تي احتجاج گھر ويندڙ نوجوان کان موبائیل فون ڦر ڪري وي

خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي ۾ چوريون، ڦر، ڌاڙن جو آزار وڌي ويو لوھي پل ڳوٺ گلشن سبزوئي ۾ ڏوھاري بيٺل ٽريڪٽر ڪاھي چوڪيدار سلطان لاشاري کي اغوا ڪري کڻي ويا واقعي تي ڳوٺاڻن پيرا کڻي جمال جي علائقي تائين پھتا شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لڳ پراڻي نادرا آفيس روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ڦورو نوجوان پون ڪمار ميگھواڙ کان 50 ھزار جي موبائيل فون کسي آساني سان ھليا ويا نوجوان ٿاڻي تي پھچي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪاغذ ۾ لکي رکي ڇڏيو پر واقعي واري ھنڌ تائين نه پھتي انھي روڊ تي ھڪ ھفتي دوران چوٿون ڀيرو واقعو پيش آيو آهي انڊس ھاءِ وي قمبراڻي لاڙو تي ڏينهن ڏٺي جو نوناري برادري جي نوجوان کان ھٿيارن جي زور تي ڏوھاري موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا نوناري برادري جو واقعي جي خلاف انڊس ھاءِ وي تي احتجاج پڻ ڪيو بدامني جي خلاف جسقم پاران ايس ايس پي آفيس آڏو حفيظ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو لڳايو احتجاج ڪندڙن امن ڏيو، مغوين کي بازياب ڪرايو جي سخت نعريبازي ڪندي مظاھرين چتاءُ ڏنو ته فوري چوريون، ڌاڙا بند ڪرائي اغوا ٿيل چوڪيدار سلطان لاشاري سميت مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي،