تفصيل موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد م ڪنڌڪوٽ ھيبت روڊ نزد نيشنل بئنڪ وٽ زال مڙس وڙهي پيا مڙس جي ھٿان زال زخمي ٿي پئي ايگل پوليس موالي مڙس کي پڪڙي ورتو وڏي تعداد ۾ عوام گڏ ٿي ويا زال زخمي ايگل پوليس کي منٿون ڪندي رهي ته هن کي ٿاڻي اي سيڪشن تي وٺي ھلو ماڻهو زياده گڏ ٿي ويا پوليس وارن کي شهرين منٿ ميڙ ڪري مڙس کي ڇڏائي ڇڏيو ان تي مائي رڙيون ڪندي ٿاڻي ڏانهن روانو ٿي وئي زال جو چوڻ هو ته ھي مون کي ھميشہ تشدد جو نشانو بڻائيندو رهي ٿو مان ان کي جيل ۾ قيد ڪرائيندس