پاڪستان ۾ ايڪس(ٽوئٽر) جي سروس بند، صارفين پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

مشهور سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس جيڪا اڳ ٽوئٽر هئي، ان جي سروس سڄي پاڪستان ۾ ڊائون آهي جنهن سبب لکين صارفين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ريئل ٽائيم انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي بندش ۽ مانيٽرنگ سروس موجب پاڪستان ۾ ڇنڇر جي رات 9 وڳي کان ايڪس جي سروس ڊائون آهي صارفين جي شڪايت آهي ته انهن کي ٽوئٽس ۽ نيون پوسٽون ڏسڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي صارفين ايڪس تائين پهچ حاصل نه ڪري رهيا آهن جڏهن به اهي ڪا تصوير لوڊ ڪن ٿا ته اسڪرين تي this site can,t be reached جو نوٽيفڪيشن نظر اچي رهيو آهيDowndetector موجب رات 9 لڳي هڪ منٽ تي ايڪس جي بندش جي گهٽ ۾ گهٽ 185 رپورٽون مليون آهن جيڪي رات 9:25 وڳي تائين وڌي 239 ٿي ويون. ٻئي طرف سائبر سيڪيورٽي واچ ڊاگ، نيٽ بلاڪس به پاڪستان ۾ ايڪس جي بندش جي تصديق ڪئي آهي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڪيترائي ڀيرا انٽرنيٽ سروسز سميت سوشل ميڊيا سائٽس ڊائون ٿي چڪيون آهن. خاص طور تي عام چونڊن 2024 جي حوالي سان جاري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڪثر سروسز متاثر ٿي رهي آهي ان کان اڳ ايڪس مئي 2023 ۾ عالمي بندش جو شڪار ٿيو هو جنهن جي خلاف سڄي دنيا جي صارفين جي وڏي انگ شڪايتون ڪيون هيون.