آر پي او راولپنڊي خرم علي 15 ڏينهن جي موڪلن تي پرڏيهه روانو ٿي ويو

آر پي او راولپنڊي سيد خرم علي 15 ڏينهن جي موڪلن تي پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي. آر پي او جي پنهنجي گهر ڀاتين سميت برطانيه روانو ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ هاڻ هو 2 مارچ تي واپس ايندو راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه جي پريس ڪانفرنس ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي انڪشافن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي آر پي او راولپنڊي جي اوچتو منظر تان غائب ٿيڻ کي اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت چٺه جي واقعي سان جوڙيو پيو وڃي گذريل ڏينهن پنجاب انفارميشن طرفان راولپنڊي جي ڪمشنر جي پي ايس ايل جي باري ۾ پريس ڪانفرنس جي دعوت نامي ۾ به راولپنڊي جي ڪمشنر سميت آر پي او راولپنڊي جو ذڪر ڪيو ويو هو ان حوالي سان آر پي او آفيس راولپنڊي جي اختيارين رابطي تي ٻڌايو ته آر پي او راولپنڊي سيد خرم علي چونڊن کان اڳ ئي موڪل جي درخواست ڏني هئي پر ان کي فوري طور تي موڪل نه ملي ۽ چونڊن کان پوءِ سندس موڪل منظور ٿي وئي. آر پي او راولپنڊي جمعي تي آفيس ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ شام جو لاهور هليو ويو هو. جنهن کان پوءِ آر پي او راولپنڊي جو اضافي چارج سي پي او راولپنڊي خالد همداني وٽ آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته سيد خرم علي لاهور مان گهر ڀاتين سان گڏ برطانيه ويو آهي يا نه اها خبر نه پئجي سگهي آهي ان جي موڪل 15 ڏينهن جي آهي اميد آهي 2 مارچ تي واپس اچي ويندو.