سوئي ناردرن گيس ڪمپني مان صارفين طرفان اوور بلنگ جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن. ذريعن موجب هن مهيني 15 کان 90 هزار روپيه في صارف ڏانهن بل اماڻيا ويا. فڪسڊ چارجز جي نالي تي في ميٽر 2 هزار روپيه ٽيڪس وصول ڪيو ويو. ميٽر جو ڪرايو، جي ايس ٽي ۽ اضافي چارجز ڌار آهن صارفين جو چوڻ آهي ته ريڊنگ دير سان ڪئي وئي ته جيئن گيس جو بل ايندڙ هاءِ سليب ۾ هليو وڃي.سوئي ناردرن جي اختيارين موجب صارفين کي شڪايت آهي ته اوگرا يا عدالت سان رابطو ڪري سگهن ٿا. گيس ٽيرف ۽ ٻيا ٽيڪس حڪومت لڳايا آهن. گيس سڄي دنيا ۾ مهانگي ٿي چڪي آهي. اسان سڀني کي گيس احتياط سان استعمال ڪرڻو پوندو ان حوالي سان هڪ صارف رضوان چيو آهي ته منهنجي گهر سوئي گيس جو بل 75 هزار روپيه آيو، گهر ۾ ڪابه ليڪيج نه آهي چيڪ به ڪرايو آهي پر ان باوجود اضافي بل اچي رهيو آهي هڪ ٻئي صارف اڪرام چيو ته منهنجي 10 مرلن جي گهر جو گيس جو بل 61 هزار روپيه آيو آهي جڏهن ته ويلنشيا ٽائون جي رهواسي عمران چيو ته منهنجي گهر گيس جو بل 92 هزار روپيه آيو آهي. گيس گهٽ استعمال ڪرڻ باوجود اضافي بل اچي رهيو آهي.