جيڪب آباد ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 نوجوان سئوٽ چيڀاٽجي فوت

جيڪب آباد ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ٿرڙي واسي 2 نوجوان سئوٽ چيپاٽجي فوت ٿي ويا صدر ٿاڻي جي حد الفاروق هوٽل ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار جاويد احمد ۽ ننڍُو فوت ٿي ويا اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا جنهن کان پوءِ فوتين جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي پوليس موجب حادثي جو سبب بڻجندڙ ٽرڪ جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.