شھر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي وارداتن خلاف جسقم جي سڏ تي ايس ايس پي آفيس جي اڳيان ڌرڻو پوليس انتظاميہ جي نااهلي خلاف سخت نعريبازي ايس ايس پي ڪشمور جون مظاھرين

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ شھر ۾ ڏوھن جي اضافو ٿيڻ خلاف جسقم جي سڏ تي شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن جو ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس گيٽ تي ڌرڻو ،ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ والي ڏنو سنڌي ،حفيظ سنڌي ،ايس يو ہي جي شاھنواز مرھيٽو ،ڇوٽو جکراڻي ۽ ڪيواي ٽي جي فدامحمداڻي سجادبروهي ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ڏوھن ۾ ريڪارڊ واڌ ٿئي آھي شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن شھر جي مين بازارن ،گھرن مان ڦر ۽ چوري جو وارداتون ٿيڻ لڳيون پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ،ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي پاران مظاھرين سان ڳالھائيندي جلد امن امان جي بحالي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو