جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي قيادت رياض علي چانڊيو، نواز خان زئور، فتاح چنا، عزيز ﷲ ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، محمد علي خشڪ، سھيل ڪلوڙ ۽ اياز سولنگي ڪارڪنن سميت شھيد ھدايت لوھار جي قتل خلاف جاري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي، مقتول جي وارثن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو ۽ دعا گهري تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي رھبر ڪميٽي جي سربراهه ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته ھتي غنڊا راڄ آھي ۽ اظھار جي آزادي سلب ڪئي وئي آھي. سياسي ڪارڪنن کي ھدايت لوھار وانگر سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو مڪمل اسٽيٽ ڪرائيم آھي. جنھن ڏينھن ھڪ طرف سنڌ ۾ بوگس چونڊن جي خلاف جي ڊي اي پاران حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو پئي ويو، ٺيڪ ان ڏينھن ھدايت لوھار کي شھيد ڪري اھو سمجھيو ويو ته شھيد جو خون ھضم ٿي ويندو، پر سنڌ ھن خون ناحق خلاف سراپا احتجاج آھي. پنجن ڏينھن کان شھيد جا وارث ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن، پر سندن مرضي مطابق ايف آئي آر به داخل نٿي ڪئي وڃي. ھڪ طرف اليڪشن چوري ڪري عوام کان ووٽ جو حق به کسيو ويو آھي، ٻي طرف رياستي ادارا قومي تحريڪ خلاف آپريشن پيا ڪن. ڌاڙيل انڊسٽري، پوليس گردي ۽ زرداري ٽولي جي ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي خوفزده ڪيو پيو وڃي. قاضي فائز عيسي جي اچڻ سان عدالتن ۾ وڌيڪ اونداهي ٿي وئي آهي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي عروج تي آهي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته هدايت لوهار جو قتل سياسي قتل آهي، هو هڪ پرامن سياسي ڪارڪن هو، جنهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سياسي خيالن سبب قتل ڪري نٿو سگهجي. ايف آئي آر داخل نه ڪرڻ ناانصافي آهي، جيڪو عمل خون لوڙهڻ برابر آهي. هدايت لوهار جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن ملڪ ۾ سياسي قتلن جا واقعا ملڪ ٺهڻ سان ئي شروع ٿيا آهن، جيڪو سلسلو اڃا هلندڙ آهي، جيڪي عمل هاڻي بند ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي، محمد علي خشڪ، فتاح چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.