عورت آزادي مارچ جي حوالي سان مشاورتي گڏجاڻي منعقد، وومين ايڪشن فورم، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي شرڪت

حيدرآباد:(پ_ر) عورت آزادي مارچ 2024 جي سلسلي ۾ وومين ايڪشن فورم پاران ٻئي مشاورتي گڏجاڻي رکي وئي .جنھن ۾ وومين ايڪشن فورم کان علاوہ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شاگرد اڳواڻن سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي گڏجاڻيءَ ۾ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو پاران عورت آزادي مارچ جي لاء ھلايل موبلائيزيشن بابت آگاھي ڏيندي چيو تہ، سنڌ جي چئن ضلعن جي مختلف ڳوٺن م ڪميونٽي جي عورتن سان گڏجاڻيون رکي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنھن ۾ ڪيترين ئي عورتن عورت مارچ ۾ شرڪت جي خواھش جو اظھار ڪيو. حيدرآباد جي ڏھن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ موبلائيزيشن ٿي چڪي آھي عورتن کي عورت مارچ م شرڪت سميت سندن تعليم ، صحت ۽ روزگار جي ضرورتن تي پڻ ڳالھائي آگاھي ڏني وڃي ٿي هيومن رائيٽس ڪميشن جي ريجنل ڪو آرڊينيٽر غفرانہ آرائين ڪجھ تجويزون پيش ڪيون ۽ موبلائيزيشن جي مھم ۾ حصو وٺڻ بابت يقين ڏياريو. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي ڊاڪٽر بختاور سمون، ميڊيڪل ڪاليجز جي شاگردن آگاھي مھم ھلائڻ جي تجويز ڏيندي عورت آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جي يقين ڏياريو حيدرآباد آرٽس ڪائونسل جي عھديدار ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ زوار نقوي پڻ تجويزون پيش ڪيون تہ عورتن جي آزادي صرف عورتن جو نه پر سڄي سماج جي آزادگي سان ڳنڍيل مسئلو آھي ڊاڪٽر عرفانہ ملاح سماج ۾ عورت جي مسئلن بابت ڳالھايو ۽ سماجي روين تي پڻ روشني وڌي ۽ عورت آزادي مارچ ۾ عورتن جي وڌندڙ دلچسپي ۽ فنڊ جي ڪمي جو ذڪر ڪيو . ڊاڪٽر عبدالله سيٺار ڪجھ تجويزون پيش ڪيون ۽ ڪجھ تنظيمن سان رابطه ڪري موبلائيزيشن مھم وڌائڻ بابت پڻ تجويزون ڏنيون عورت مارچ جي گڏجاڻي ۾ شامل شاگرد اڳواڻن والينٽيئر جي طور تي عورت آزادي مارچ ۾ شموليت ۽ تعليمي ادارن ۾ موبلائيزيشن جي مھم ۾ حصو وٺڻ ۾ پنھنجي دلچسپي جو اظھار ڪيو گڏجاڻيءَ ۾ سڀني پنھنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ چيو تہ حيدراباد عورت آزادي مارچ ۾ ھر سال شرڪت ڪندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو آھي ء ڳوٺاڻي عورتن جي شرڪت لاء ٽرانسپورٽ مھيا ڪري ڏيڻ جيترا فنڊ نه ھئڻ ڪري عورتون شرڪت کان محروم رھجي وينديون آھن گڏجاڻيءَ ۾ نيٽ ورڪنگ سان گڏ فنڊ گڏ ڪرڻ جي وسيلن تي پڻ غور ويچار ٿيو ء عام اپيل ڪئي ويئي تہ عورت مارچ م عورتن جي شرڪت لاء فنڊ جي ڏس م مدد ڪئي وڃي. گڏجاڻي ۾ امر سنڌو، ڊاڪٽر عرفانہ ملاح، غفرانہ آرائين، ڊاڪٽر مجيد چانڊيو، ڊاڪٽر امداد چانڊيو، نسيم اختر جلباڻي، ڊاڪٽر بختاور سمون، ڊاڪٽر حسين مسرت، ڊاڪٽر رخسانہ پريت، روزينہ جوڻيجو، نويد احمد، روبينہ قريشي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو .