بلوچستان جي شهر تربت جي ناري ڪلثوم بلوچ ۽ شهداد پور واسي نوجوان سهيل خان سهتو نواب ولي محمد پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي راز خوشي سان شريعت مُحمدي موجب نواب شاهه جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن سبب ناري جا مائٽ شهباز بلوچ، شهزاد بلوچ، شميم بلوچ ۽ تر جا وڏيرا عمران سهتو، ڏاڏو شاهن سهتو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب جان کي خطرو آهي نوجوان سهيل سهتو وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته منهنجا ٻه ڀائر يعقوب سهتو، بلاول سهتو ۽ دوست گل بيگ بروهي کي شهدادپور پوليس اغوا جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي انهن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ڀائرن کي آزاد ڪري ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.