ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ Athletic Sports Competition جي حوالي سان هڪ شاندار مقابلو ٿي گذريو جنهن جي صدارت ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي وائيس پرنسپل محترم سلمان احمد ڪولاچي جن ڪئي مقابلي جي شروعات قرآن مجيد جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن کان پوء پهرين مرحلي ۾ سؤ ميٽر ريس جي مقابلي لاء جناح هائوس جي ڪيڊٽ حسين ملڪ پهرين پوزيشن, اقبال هائوس جي ڪيڊٽ نواز حسين ٻي پوزيشن ۽ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ احسان علي ٽين پوزيشن ماڻي, ٻئي مرحلي ۾ ٻ سؤ ميٽر ريس مقابلي ۾ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ حبيب الرحمان پهرين پوزيشن, جناح هائوس جي ڪيڊٽ امتياز علي ٻي پوزيشن ۽ اقبال هائوس جي ڪيڊٽ مجيب الرحمان ٽين پوزيشن ماڻي, ٽين مرحلي ۾ چار سؤ ميٽر ريس مقابلي ۾ شھباز هائوس پهرين پوزيشن, جناح هائوس ٻي پوزيشن ۽ اقبال هائوس ٽين پوزيشن ماڻي, چوٿين مرحلي مقابلي ۾ پندرنهن سؤ ميٽر ريس ۾ جناح هائوس پهرين پوزيشن, شهباز هائوس ٻي پوزيشن ۽ اقبال هائوس ٽين پوزيشن ماڻي, Javelin Throw سرگرمي ۾ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ حبيب الرحمان پهرين پوزيشن, جناح هائوس جي ڪيڊٽ محمد يونس ٻي پوزيشن ۽ اقبال هائوس جي ڪيڊٽ علي محمد ٽين پوزيشن ماڻي, Short Put سرگرمي ۾ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ حبيب الرحمان پهرين پوزيشن, جناح هائوس جي ڪيڊٽ حسين بلوچ ٻي پوزيشن ۽ اقبال هائوس جي ڪيڊٽ علي محمد ٽين پوزيشن ماڻي, Discus Throw سرگرمي ۾ جناح هائوس جي ڪيڊٽ حسين بلوچ پهرين پوزيشن, اقبال هائوس جي ڪيڊٽ قمرالدين ٻي پوزيشن ۽ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ فصيح علي ٽين پوزيشن ماڻي ۔ High jump / Long Jump سرگرمي ۾ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ هشمت علي پهرين پوزيشن, جناح هائوس جي ڪيڊٽ حسين ملڪ ٻي پوزيشن ۽ اقبال هائوس جي ڪيڊٽ علي محمد ٽين پوزيشن ماڻي Athletic Sports Competition جي سمورين سرگرمين جي حوالي سان شهباز هائوس چيمپيئن رهيو ۽ زياده پوزيشنس ماڻيندڙ شهباز هائوس جو ڪيڊٽ حبيب الرحمان رهيو, سرگرمين جي آخر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي وائيس پرنسپل محترم سلمان احمد ڪولاچي جن پوزيشن ماڻيندڙ ڪيڊٽس کي ٽرافيون ڏنيون ۽ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ نصابي ۽ جسماني مقابلن جي اهميت جي حوالي سان نصيحتون پڻ بيان ڪيون