ٺڪراٺي ويجهو مين روڊ مٿان سورهن سالن کان دلوش پل جو بنياد وڌو پر ٺيڪيدار جي لاپرواهي ۽ پل جو تعميراتي ڪم نه ٿيڻ سبب اڌ ۾ ڇڏي ويو ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي ويون هزارين ماڻھن جو اچ وڃ عذاب بڻجي ويو فوري طور پل کي تعمير ڪرائڻ جو مطالبو رپورٽ موجب ٺڪراٺي ويجهو مين روڊ تي ٺاهيل دلوش پل جو ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو جنهن سبب هتان جي سياي سماجي ماڻھن ابراهيم مهر رحيم داد راڄڙ گل محمد مهتم ۽ ٻين چيو ته سکر پنوعاقل خانپور مهر گهوٽڪي مير ماٿيلو سميت ننڍن وڏن شھرن توڙي سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ مين روڊ مٿان جوڙيل واحد مرڪزي دلوش پل ڪتيري عرصي کان زبون حالي جو شڪار آھي سورهن سالن کان پل جو بنياد ته وڌو پر ڇت ناهي پئجي سگهي جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون ويو آھن جنهن سبب اسان علائقي واسي توڙي مسافر سخت مشڪلاتن جو شڪار آھيون انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪندي چيو ته خطرناڪ ۽ مسافرن توڙي انساني جانين لاء موت جو سامان بڻيل پل کي فوري طور تعمير ڪري انساني زندگيون حادثن کان بچايو وڃن نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو