اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس گهرواري جلد آزاد ٿي ويندا، جڏهن ته عمران خان ميانوالي مان اليڪشن وڙهندو ۽ وزيراعظم طور حلف کڻندو اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته جيترا به بيگناهه آهن اھي پنھنجي گھر پھچي وڃن هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني 180 سيٽون کٽيون آهن، جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي اهو ئي حڪومت ٺاهي، وزيراعظم جو قسم کڻندو فيصل جاويد چيو ته هي اليڪشن فارم 45 ۽ فارم 47 جي وچ ۾ هئي، مجموعي طور غلط نمبر لکيا ويا، اسان جي هر اميدوار جا فارم 45 آهن هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جا سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، اهي جلد سامهون ايندا، اسان جا ماڻهو عدالتن ۾ پيش ٿين، انصاف ٿيڻ گهرجي، مراد سعيد سان ڪو به رابطوناهي، الله کيس سلامت رکي